تلهار(رپورٽ: محمد صديق ٿيٻو) تلهار ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي ويئي آهي. اڳوڻي تعلقي ناظم مرحوم مير عبدالقادر جمالي جي وڏي پٽ مير عبدالعزيز جمالي، جيڪو ڪجھ عرصو مرزا گروپ ڇڏي پ پ م شامل ٿيو آھي، چيئرمين جو مظبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر جي ڀرپور حمايت باوجود اڳوڻي چيئرمين مير شاهد کي ٻن پٽن سميت  شڪست ڏياري پ پ ڪائونسلرن  کي ڪامياب ڪرايو. شهرين جو وڏو انگ مير عزيز جمالي کي چيئرمين ڏسڻ ٿو چاهي. ٻئي طرف پير محفوظ الاهي قادري به مير الله بخش ٽالپر تي چيئرمين ڪرائڻ لاء سخت دٻاء وجهي رهيو آهي. جڏھن ته ڪائونسلر عزيز جمالي تي اعتماد جو اظھار ڪري چڪا آھن. جڏھن ته پير محفوظ کي وائيس چيئرمين جي آڇ ڪئي پئي وڃي جنهن تي ٻھراڙي سان تعلق رکندڙ ڇهن وارڊن تان ڪامياب ٿيندڙ ڪائونسلرن جو سخت احتجاج آھي ته شهر صرف 5 وارڊن تي مشتمل آھي جڏھن ت ٻھراڙي جا 6وارڊ آھن وائيس چيئرميني جا حقدار به اهي آھن.