پنگريو (رپورٽ: علي مراد شاهه)  ٽائون ڪميٽي پنگريو ۾ ٽن وارڊن مان ٻن وارڊن تي ڪامياب ٿيل پ پ جي مير محمد بخش ٽالپر ۽ ارباب گروپ جي ڊاڪٽر راجا هيراڻي چيئرمين جي سيٽ ماڻڻ لاءِ لابنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ارباب گروپ ۽ جمالي گروپ ۽ راڄوخاناڻي جي ميرن پاران سپورٽ ڪرڻ ڪري ڊاڪٽر راجا هيراڻي چيئرمين لاء مظبوط اميدوار بنجي ويو آهي. جڏهن ته مير محمد بخش ٽالپر کي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر جي حمايت حاصل آهي. ٽن وارڊن ۾ ٻن وارڊن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار مير گروپ جو مير محمد بخش ٽالپر ۽ ارباب گروپ جو ڊاڪٽر راجا هيراڻي وارڊ نمبر هڪ تان جي ڊي اي جو اميدوار گلزار احمد ملاح ڪامياب ٿيا آهن. چيئرمين جو فيصلو مخصوص سيٽن تي چونڊجي ايندڙ ڪائونسلر ڪندا.