ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جي ترقي نه ملڻ خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شنوائي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته غلام قادر ٿيٻو کي ترقي ڏيڻ لاءِ بورڊ سفارش ڪئي هئي، اهليت تي پورو لهڻ باوجود غلام قادر ٿيٻو کي ترقي نه ڏني وئي، هاڻ هو 60 سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿي ويو آهي، سندس ترقي سان ڪير به متاثر نه ٿيندو، غلام قادر کي ترقي ڏئي انهي آڌار پينشن ڏني وڃي.