ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ثقافت کاتي جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان نه هٽائڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان الڪريم ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته جيڪي آفيسر نيب ريفرنس يا انڪوائري ۾ ملوث آهن، انهن کي عهدن تان هٽايو ڇو ناهي ويو؟ روشن ڪناسرو خلاف نيب ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڇا ان کي عهدي تان هٽايو ويو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته روشن جيل ۾ آهي جنهن تي عدالت چيو ته جوابدار جيل ۾ هجڻ باوجود ِ کيس اڃا عهدي تان هٽايو ڇو ناهي ويو ؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منظور ڪناسرو خلاف به نيب ۾ انڪوائري جاري آهي، جنهن تي عدالت چيو ته منظور خلاف نيب انڪوائري هلي رهي آهي، کيس عهدي تان ڇو نه هٽايو ويو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته منظور خلاف ڪا به انڪوائري ناهي، رڳو ڪال اپ نوٽيس مليو هو، جنهن تي عدالت چيو ته ڪال اپ نوٽيس ملڻ جو مطلب هوندو آهي ته انڪوائري جاري آهي.