اسلام آباد: اسرائيل ڪمپني اين ايس او گروپ فوربڊن اسٽوريز ۽ ٻين ميڊيا جي ادارن کي جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اها تحقيق اڻ تصديق ٿيل مفروضن تي ٻڌل آهي، اين ايس او ته ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪمپني چيو ته ان جو سافٽ ويئر ڏوهارين، دهشتگردن خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، پيگاسس سافٽ ويئر صرف ۽ صرف انهن ملڪن جي عسڪري ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڳجهي ايجنسين کي وڪرو ڪيو ويندو آهي جن جو انساني حقن بابت رڪارڊ سٺو هوندو آهي. هوڏانهن ڀارتي حڪومت به الزامن جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪجهه مخصوص ماڻهن جي نگراني ڪئي وئي، اظهار جي آزادي جمهوري نظام جو بنياد آهي.