اسلام آباد: حڪومت پاران ڀارتي جاسوسي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جواب لاءِ لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي ڀارت پاران جاسوسي واري خبر سامهون اچڻ بعد اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت جو اجلاس ٿيو، وزيرن سميت سرڪاري آفيسرن لاءِ واٽس اَيپ جهڙي نئين ايپليڪيشن آڻڻ تي مشاورت ڪئي وئي ذريعن موجب حڪومت پاران ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ڀارت جي جاسوسي تي لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي ۽ ڀارت جي جارحاڻي حڪمت عملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.ان سلسلي ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مودي سرڪار جي سياسي مخالفن جا فون ٽيپ ڪرڻ جي خبرن تي ڳڻتي آهي، مودي سرڪار جي پاليسين سان خطي جي امن کي شديد خطرا آهن، ڀارتي حڪومت صحافين ۽ ٻين جي فون ٽيپ ڪرڻ ۾ اسرائيلي سافٽ ويئر استعمال ڪري رهي آهي.