اسلام آباد (م ڊ) ڀارت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا ميمبرن جا فون به هيڪ ٿيڻ جو انڪشاف، اسرائيلي ڪمپني اين ايس او جي جاسوسي سافٽ ويئر “پيگاسسس” ذريعي پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن جي اهم شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڀارت اسرائيلي ڪمپني ذريعي وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي فون ڪالز ۽ ميسجز کي رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته جاسوسي جي اسرائيلي نظام ذريعي وزيراعظم عمران خان جو نمبر به هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسرائيلي سافٽ ويئر ذريعي موبائل تي ٿيندڙ ڳالهين جي جاسوسي لاءِ وزيراعظم عمران خان جو پراڻو نمبر به هٽ لسٽ ۾ رکيو ويو هو، ذريعن موجب حڪومت پاران ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ڀارت جي جاسوسي تي لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي.

اسلام آباد: پاڪستان سميت دنيا جي اهم شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انساني حقن جي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ فرانسيسي ميڊيا گروپ فوربڊن اسٽوريز کي پاڪستان ۽ ڀارت سان تعلق رکندڙ 2 هزار کان وڌيڪ فون نمبرز سميت 50 هزار کان وڌيڪ فون نمبرز تي مشتمل رڪارڊ تائين رسائي حاصل ٿي آهي جن کي هيڪنگ جو هدف بڻائڻ لاءِ چونڊيو ويو هو، اسرائيلي ڪمپني اين ايس او جي جاسوسي جي سافٽ ويئر پيگاسس کي استعمال ڪندي پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن جي اهم شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان جي استعمال هيٺ رهندڙ فون نمبر به جاسوسي جو هدف رهيو، سڄي دنيا ۾ 50 هزار ماڻهن جي جاسوسي ڪئي وئي، جاسوسي جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ 50ملڪن تائين پکڙيل آهي. جاسوسي جو شڪار بڻجندڙن ۾ عرب شاهي خاندان جا ماڻهو، مختلف ملڪن جا سربراهه، وزير، ڪاروباري شخصيتون، صحافي، انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهو شامل آهن، موبائيل هيڪنگ سان سعودي جي مقتول صحافي جمال خاشقجي جي مڱيندي سوڌو ويجهو رهندڙ 2 عورتن جا فون به هيڪ ڪيا ويا، ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جي فون جي به هيڪنگ ڪئي وئي، سندس ويجهن پنج دوستن جا نمبرز به ان فهرست ۾ شامل آهن، اين ايس او جو سافٽ ويئر استعمال ڪندڙ 12 صارف ملڪن نه صرف 21 ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ 180 صحافين جي نگراني لاءِ نمبرز جي چونڊ ڪئي وئي پر ان فهرست ۾ حڪومتي عهديدار، ڪاروباري شخصيتون، جج ۽ انساني حقن جا ڪارڪن به شامل آهن.