اسرائيلي ڪمپني جَي سافٽ ويئر ذريعي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جِي شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف

0
247
اسرائيلي ڪمپني

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسرائيلي ڪمپني جَي سافٽ ويئر ذريعي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جِي شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف، وزيراعظم عمران خان جو پراڻو فون نمبر به هيڪ ڪرڻ جِي ڪوشش، امريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ ٻين خابرو ادارن جون ٿرٿلو مچائيندڙ رپورٽس سامهون اچي ويون، سڄي دنيا جَي 50 هزار ماڻهن جِي مبينا جاسوسي جو به انڪشاف، عرب شاهي خاندانن جا ماڻهو، مختلف ملڪن جا سربراهه، وزير، ڪاروباري شخصيتون، صحافي ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهو جاسوسي جو شڪار، سعودي جَي مقتول صحافي جمال خاشقجي سان واسطو رکندڙ ٻن عورتن جا به فون هيڪ ڪيا ويا، ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جَي فون جِي به هيڪنگ، رپورٽ موجب جاسوسي جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ 50 ملڪن تائين پکڙيل آهي..