اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ جي احتجاجن بعد ملڪ اندر پيدا ٿيل صورتحال تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهرو وزير کان صورتحال تي پاليسي بيان قومي اسيمبلي ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جي ميمبرن تحريڪ لبيڪ ڇو قائم ٿي ۽ ڪنهن قائم ڪئي؟ ان جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، اسپيڪر گهرو وزير کي سومر ڏينهن پاليسي بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو ۽ ناموس رسالت بابت متفقه قرارداد جو مسودو منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (نواز) جي قومي اسيمبلي ميمبر رياض پيرزادا چيو ته سياسي جماعتن کي نوٽيس ڏنا پيا وڃن، سياسي جماعتن جا نوٽيس ڦاڙيا پيا وڃن، انهن مامرن تي اعتراض آهي، هر شخص ۽ ادارو مٿانهان ڪم ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ کي نوٽيس وٺڻو پوندو، هن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اجلاس ائين هلايو ٿا ڄڻ سڀاڻي قيامت ايندي ۽ اڄ ئي سڀني کي بخشرائڻوآ هي، هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته پابندي پيل طالبان، سپاهه صحابه، تحريڪ لبيڪ ڪنهن ٺاهي هئي، اهي تنظيمون ڪنهن سياستدان نه ٺاهيون هيون، جن کي پاليو ويندو آهي اهي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا آهن، تشدد وڌي رهيو آهي، موجوده وقت ۾ ئي مذهب جي نالي تي ڇا ڪجهه نه ٿيو آهي؟ پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر چيو ته موجوده وقت ۾ جيڪا امن امان جي صورتحال آهي ان ۾ هر شهري متاثر ٿيو آهي، اها صورتحال ڇو پيدا ٿي آهي، هن چيو ته حضور صه جن جي شان لاءِ سڀ جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ان جي نالي تي جيڪي حالتون ان حد تائين بگاڙيون پيون وڃن جو رياست جي رٽ چيلينج ٿي رهي آهي اهو مناسب ناهي، هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته معاهدو ڪندڙ وزيرن کي اهو ڪنهن اختيار ڏنو هو ته اهو فرانس جي سفير کي هٽائڻ جو واعدو ڪن، جيڪو ڪجهه روڊن تي ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي ميڊيا تي نه ڏيکارڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو، گهر کان ٻاهر نڪرو ته ڪاڏي نڪري نٿو سگهجي رستا بند آهن، جڏهن فرانس سان تعلقات ختم نه پئي ڪري سگهياسين ته مذهبي جماعت سان معاهدو ڇو ڪيو ويو هو؟ حڪومت ان جماعت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهي آهي پر حڪومت پارليامينٽ کي ڪجهه نه ٻڌائي رهي آهي، هن مطالبو ڪندي چيو ته سومر ڏينهن گهرو وزير ايوان ۾ اچي پاليسي بيان، هن چيو ته ماضي ۾ به پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو پر جن کي ڪم ڪرڻو هوندو آهي اهي نالو تبديل ڪري ڪنهن ٻئي نالي سان ڪم ڪنديون آهن، جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سومر ڏينهن گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد کي ايوان ۾ اچي پاليسي بيان ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته فرانس جي سفير کي ڪڍڻ جو معاهدو نه ڪيو ويو، معاهدي ۾ هو ته اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي ويندي، هڪ طرف حڪومت سان مذاڪرات ڪيا پئي ويا ته ٻئي طرف مارچ جون تياريون ڪيون پئي ويون، جي يو آءِ جي ميمبر صلاح الدين ايوبي چيو ته اڄ تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي پئي وڃي، سڀاڻي جي يو آءِ تي به پابندي لڳائي سگهجي ٿي، فاٽا جي ميمبر محسن داوڙ چيو ته سڀ عاشق رسول آهيون، پر فردن يا گروهه کي اهو حق نه ٿو ڏئي سگهجي ته اهي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ تشدد تي لهي اچن، هن چيو ته تحريڪ لبيڪ ڪنهن ٺاهي واري مامري جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ طالبان کي به سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن تي اسپيڪر محسن داوڙ جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي، جنهن تي محسن داوڙ احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان کي هدايت ڪئي ته سومر ڏينهن ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناموس رسالت جي مامري تي سياسي پارٽين جي پارلياماني ليڊرن سان مشاورت ڪري قرارداد منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃي، ن ليگ جي عمران شاهه چيو ته فرانس سان سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن، فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، فرانس جا پاڪستان مٿان وڌ ۾ وڌ 17 کان 18 ارب جو قرض هوندو، عاشقان رسول پنهنجون ملڪيتون وڪڻي قرض ادا ڪندا، هن مطالبو ڪيو ته تحريڪ لبيڪ ڇو قائم ڪئي وئي اهو ڏسڻ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته هڪ پارٽي تي جنهن نموني سان پابندي لڳائي وئي اهو مناسب ناهي، معاهدي تحت مامرو اسيمبلي ۾ آندو وڃي ها، جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.