اسلام آباد: پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج ڀيرا حماد اظهر جي وزارت تبديل ڪئي وئي آهي. عمر ايوب جو پهريون ڀيرو کاتو تبديل ٿيو، وفاقي وزير خسرو بختيار جو چوٿون ڀيرو قلمدان تبديل ڪيو ويو، کيس سڀ کان پهريان پي ٽي آءِ جي دور ۾ 20 آگسٽ 2018ع کان نومبر 2019ع تائين رٿابندي جو وزير رهيو، بعد ۾ 19 نومبر 6 اپريل 2019 تائين فوڊ سيڪريٽري جو وزير رهيو، 6 اپريل 2020ع کان 16 اپريل 2021ع تائين ان وٽ اقتصادي مامرن جي وزارت جو قلمدان رهيو، ڪالهه کيس صنعت پيداوار جو وزير بڻايو ويو آهي. اهڙي ريت حماد اظهر کي سڀ کان پهريان روينيو بابت مملڪتي وزير وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کيس روينيو (اقتصادي مامرن) جو وفاقي وزير 8 جولاءِ 2019ع تي مقرر ڪيو ويو، ان وقت جي ناڻي وزير حفيظ شيخ جي احتجاج کان پوءِ هڪ ڏينهن اندر ان وزارت جو قلمدان حماد اظهر کان واپس ورتو ويو، جنهن کان پوءِ کيس صنعت پيداوار جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، 29 مارچ تي وزيراعظم کيس ان وزارت سان گڏ ناڻي جو وفاقي وزير به مقرر ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪالهه کيس توانائي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ائين حماد اظهر جو قلمدان پنج ڀيرا تبديل ٿيو، عمر ايوب جو پهريون ڀيرو قلمدان تبديل ٿيو، هو پي ٽي آءِ حڪومت دوران بجلي جو وزير هو جنهن کان پوءِ کيس پيٽروليم وزارت جو اضافي قلمدان مليو، هاڻي کانئس ٻئي قلمدان واپس وٺي کيس اقتصادي مامرن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، فواد چوڌري جو ٽيون ڀيرو قلمدان تبديل ٿيو، سڀ کان پهريان هو پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ٿيو، ان کان پوءِ کيس سائنس ٽيڪنالاجي جي وزارت ڏني وئي، ان بعد سندس وري قلمدان تبديل ڪري کيس سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.