واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم پاڪستان تي اشتعال انگيزي جو الزام هڻي طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو. آمريڪا جي ڊائريڪٽر آفو نيشنل انٽيليجنس ڪانگريس کي خطري جي جائزي جي سالياڻي رپورٽ 2012ع اماڻي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نريندر مودي پاڪستان تي طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ هو پاڪستان تي مڇرائڻ جو الزام به هڻي سگهي ٿو. رپورٽ موجب ايٽمي هٿيار رکندڙ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشمير جي معاملي تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو خطرو اڃا به موجود آهي پر هن سال ٻنهي ملڪن ۾ عام جنگ جو قطعي امڪان نه آهي. انٽيليجنس رپورٽ ۾ چين، روس ۽ ايران کي خطرو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ هلندڙ سان امن ٺاهه جي امڪانن کي رد ڪيو ويو آهي.