لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جا 40 پارليامينٽرين جهانگير ترين جي حق ۾ استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار، حڪومت کان ناراض وڌيڪ ميمبرن سان به رابطي جو فيصلو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا رياض جهانگير ترين جي حمايت لاءِ 40 اسيمبلي ميمبرن گڏ هجڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته عمران خان کان آخري ڀيرو انصاف گهري رهيا آهيون ، انصاف نه مليو ته فيصلي ۾ آزاد هونداسين. تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين جي لاهور واري رهائشگاهه تي هم خيال ساٿين جي گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ تحريڪ انصاف جي 40 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سوڌو وزيرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي جي صدارت جهانگير ترين پاڻ ڪئي. گڏجاڻي ۾ ايندڙ حڪمت عملي جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، جهانگير ترين هم خيال ساٿين کان راءِ ورتي ته ايندڙ حڪمت عملي ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ ذريعن ٻڌايو آهي ته ان گڏجاڻي ۾ اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏيڻ جي به آڇ ڪئي ۽ چيو ته ناانصافيون جاري رهيون ته استعيفائن جو آپشن موجود آهي پر اجلاس ۾ فوري استعيفائن جي آپشن کي پذيرائي نه ملي سگهي. ذريعن ٻڌايو ته موجود ميمبرن حڪومت کان ناراض وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن سان به رابطن جو فيصلو ڪيو ۽ ٻڌايو ته وڌيڪ ڪجهه ميمبر جلد هم خيال گروپ ۾ شامل ٿيندا. مشاورتي اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو جلد اعلان ڪرڻ ۽ رياست مدينه ۾ انصاف کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ملاقات لاءِ لکيل خط تي وزيراعظم جي خاموشي تي حتمي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ٻيو اهم اجلاس 21 اپريل تي گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ اسيمبلي ميمبر به هم خيال گروپ ۾ شامل ٿيندا. اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي ۽ وزيراعظم کي خط کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا رياض عمران خان کي آخري وارننگ ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ اانصاف کان آخري ڀيرو انصاف گهرون ٿا، انصاف نه مليو ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين. وزيراعظم کي آخري ڀيرو چئي رهيا آهيون ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا رياض جهانگير ترين جي حامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهين کي وڌيڪ اڳيان نه وڌايو، وڏي صبر سان تحريڪ انصاف جي جهنڊي هيٺان بيٺل آهيون. اڄ آخري ڀيرو مديني جي رياست ۾ چئي رهيا آهيون ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. ان موقعي تي اسحاق خاڪواني به چيو ته اڄ نه انصاف آهي، نه ايمانداري آهي. اسان  ڪوبه رليف نه گهري رهيا آهيون ۽ نه ئي وري بليڪ ميل ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ڏينهن ڏيو ان کانپوءِ سڀ ڪجهه سامهون کڻي اينداسين ۽ الزامن جو جواب به ڏينداسين.