ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي هڪ خط جو به جواب ناهي ڏنو، وفاق آرڊيننس آڻي ٻيٽ هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سخت آرڊيننس آڻڻ وفاقي سرڪار جي بدنيتي هئي، ٻيٽن جو معاملو پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو، جيڪو آڻڻ گھرجي ها، حڪومت هر معاملي جو يوٽرن ورتو آهي. جيڪا شي ڪرڻ چاهين ٿا، ان کي پاڻ ئي تڪراري بڻائين ٿا. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم پاران سنڌ لاءِ منصوبن وارا ڪيل اعلان اکين ۾ سرمو وجھڻ برابر آهن، جن منصوبن جي ڳالهه ڪئي وئي، اهي پراڻا منصوبا آهن جيڪي بجيٽ ۾ پهريان کان ئي شامل هئا. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي، پاسپورٽ آفيسن ۽ ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن سميت گاج ڊيم وارا منصوبا فنڊز جاري نه ڪرڻ سبب التوا جو شڪار رهيا. ملڪي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ ڏئي ٿي، پي ٽي آءِ حڪومت جي منافقت کي عوام ڄاڻي چُڪو آهي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي سکر جي دوري بابت سنڌ حڪومت کي سرڪاري  اطلاع نه ڏنو ويوهو، ويتر اسان تي الزام لڳايو ويندو آهي ته اسين وزيراعظم جو استقبال نه ٿا ڪريون، وزيراعظم جي اچڻ بابت ٻڌايو وڃي ها ته سنڌ جو وڏو وزير آجيان لاءِ ضرور وڃي ها. هن چيو ته نااهل ترين سان شوڪت ترين ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھندو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڀرتيون ميرٽ تي ٿينديون آهن، جيڪڏهن شڪايتون اينديون آهن، انهن تي ايڪشن پڻ کنيو ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن تي اعتراض ڪندڙن جي سياست ئي اها آهي ته اهي ماڻهن جي جذبن کي اڀاري پنهنجي سياست چمڪائين. ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جو حال جن خراب ڪيو آهي، انهن جي سڀني کي خبر آهي، ٽي وي وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪنهن ڪئي؟ ٻورين ۾ لاش ڪنهن ڏنا؟ صوبائي وزير چيو ته حڪومتون اثاثا ٺاهي انهن جو تحفظ ڪنديون آهن پر موجوده وفاقي حڪومت قومي اثاثن جو ڇا حال ڪيو آهي؟ اهو سڀني جي سامهون آهي. هنن اسٽيٽ بينڪ کي گروي رکي ڇڏيو آهي، هاڻ وري اسٽيل ملز کي وڪڻڻ جي پٺيان آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جهانگير ترين جي مهرباني سان ٺهي آهي، پر انهن کان پنهنجا اتحادي به خوش ناهن.