سجاول جوڻيجو مان گم ٿيل نينگر شهدادڪوٽ مان هٿ، جوابدار سوگهو

0
390

سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان 9 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگرکي شهدادڪوٽ مان هٿ ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي آفتاب سيال کي هٿ ڪري ورتو، ڪارروائي دوران گهر ڌڻي طارق کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.