ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪندڙ ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل

0
363

موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ۾ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪندڙ ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊي جي ثقافت جي هدايتن تي چوڪيدار جاويد سولنگي جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنگ پريسٽ جي مجمسي جي تذليل ڪري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، تصوير ۾ ٽي شرپسند جوابدارمجسمي جي بيحرمتي ڪندي نظر اچن ٿا، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.