وارث ڏنو ماڇي ويجهو ٽريڪٽر نينگر مٿان چڙهي ويو، فوت

0
366

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ بصر الدين کوسو ۾ ٽريڪٽر 10 سالن جي نينگر فراز علي کوسو مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، وارثن موجب زمين تي ڪڻڪ جو ٿريشر هلي رهيو ۽ نينگر ٽريڪٽر هيٺان ننڊ ستل هو، جنهن سبب ٽريڪٽر نينگر مٿان چڙهي ويو ۽ هو فوت ٿي ويو..