سکر (بيورو رپورٽ) لئنسڊائون پل جي بحالي وارو ڪم شروع، تاريخي لئنسڊائون پل جي ضروري مرمت، صفائي ۽ سارسنڀال لاءِ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس مبين لاکو جي حڪم تي  4  مارچ  2023 تي عدالت پاران مقرر ڪيل آرڪيالاجسٽ، هيريٽيج ماهر ڊاڪٽر قاصد ملاح ۽ سندس گهر واري جيڪا پاڻ به ساڳي شعبي جي ماهر آهي، سڄو ڏينهن لئنسڊائون پل جو ماهرانه انداز ۾ جائزو ورتو، انهيءَ سلسلي ۾ ڊي سي سکر شهزاد ٿهيم جي آفيس ۾ سکر جي سياسي ادبي  سماجي اڳواڻڻ چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ڪورٽ جي حڪم تحت معاملن جو جائزو ورتو ويو.  ڊي سي سکر جي هدايتن تحت ٻنهي پلن تان هر قسم جا جهندا، بينر، پينا فليڪس لاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.