خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس شادين ۾ هوائي فائرنگ تي روڪٿام ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ٻارڙن جي سنت طهر تقريب ۾ خوشيءَ وچان ڪيل فائرنگ ۾ گھوٽن جو نوجوان جو ڀاءُ گولي لڳڻ سبب موقعي تي فوت، لاش سول اسپتال منتقل، وارث لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بغير لاش واپس گهر کڻي ويا، خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. خبر موجب خيرپور پوليس شادين ۾ هوائي فائرنگ کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد پهوڙ ڳوٺ ۾ ٻارن جي سنت طهر واري تقريب دوران خوشيءَ مان ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب گھوٽن جو ڀاءُ 12 سالا نوجوان محمد حسن پٽ عبدالڪريم پهوڙ موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي بعد فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جا وارث نوجوان جو لاش سندس گهر کڻائي پهتا ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس طرفان فوتي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ تي زور ڀريو ويو ته وارثن طرفان واقعي کي اتفاقي حادثو ڄاڻائي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کاڻ انڪار ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.