ڄامشورو(رپورٽر) ڪوهستان ۽ ڪوٽڙي ۾ سياسي انتقام خلاف ڄامشورو اتحاد پاران تحريڪ هلائڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾  ڪوهستان ۽ ڪوٽڙي ۾ سياسي انتقامي ڪاررواين، ڀوتارڪي نظام ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڄامشورو اتحاد ۽ سنڌ پالاري اتحاد طرفان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڄامشورو اتحاد اڳواڻن پ پ کان ناراض اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان، سنڌ پالاري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر انور پالاري، آل پاڪستان باريجا اتحاد جي چيئرمين جميل احمد باريجو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر پنهنجي سياسي مخالفن ۽ سندن حمايتين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، ماضيءَ ۾ امن جي علامت سمجهيو ويندڙ ڪوهستان هن وقت بدامني جي باهه ۾ ڀڙڪي رهيو آهي،  ڪوهستان کي بدامني طرف ڌڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڄامشورو پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن سرپرست بڻيل آهي،  اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ڄامشورو ضلعي ۾ ڀوتارڪي نظام، بدامني ۽ ونگاري پوليس خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.