دوحا (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غريب مُلڪن خلاف امير مُلڪن جي حربن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اُسريل مُلڪ غريب مُلڪن کي وياج جي شرح  جي اضافي قيمت ذريعي تنگ ڪري رهيا آهن، اُسريل مُلڪ موسمياتي تبديلين جي شڪار مُلڪن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن. قطر ۾ 46 گهٽ اُسريل مُلڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته دولت مند قومن کي معيشتن کي هٿي ڏيڻ ۽ صحت ۽ تعليم بهتر بڻائڻ لاءِ ساليانو 500 ارب ڊالر ڏيڻ گهرجن. انتونيو گوتريس چيو ته سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنيون وياج شرح وڌائي رهيون آهن، توانائي ڪمپنيون رڪارڊ منافعو ڪمائي رهيون آهن، قرضن ۾ ٻڏل گهٽ وسيلن وارا مُلڪ معاشي ترقي جي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، عالمي مالياتي نظام پنهنجي فائدي لاءِ امير مُلڪن ڊزائن ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غريب رياستون غربت جي بدترين طوفان ۾ ڦاٿل آهن، غريب مُلڪن کي موسمياتي تبديلي سان مقابلي ۾ مدد لاءِ سوين ارب ڊالر ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.