بگهڙ اوناڙ اهائي ساڳي

0
193
بگهڙ اوناڙ اهائي ساڳي

 خيبرپختونخوا جي مسجد ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ نمازي اجل جو شڪار ٿيا آھن جڏھن ان کان ٻيڻا زخمي ٿيا آھن،مسجد ۾ اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏھن ملڪ ۾ معاشي بدحالي پروان چڙھي رهي آھي،غريب اٽي جي ڪلي لاءِ پريشان آھن ۽ حڪمران  ڄڻ بيوس بڻجي چڪا آھن.  هر حڪومت اعلان ڪندي رهندي آھي ته اسان دهشتگردي کي چٿي ساهه پٽينداسين ليڪن ڪجھه عرصو ٺاپر اچڻ کان پوءِ اها ساڳيا قاتل ٻيهر ڪنهن مسجد، اسڪول يا بازار ۾ بم ڌماڪو ڪري بيگناهه انساني جانين جو رت وهائي هليا ويندا آھن ۽ اهي اهڙا ته طاقتور هوندا آهن جو اڪثر سزا کان به بچي ويندا آھن. حساب ڪتاب ته  ٿيڻو آھي سو ٿئي ٿو. ياد ٿو اچي ڪجھه عرصو اڳ  بوسنيائي  قتلام جي ذميدار فوجي ڪمانڊر سلوبوڊن جنهن  عدالت سامهون  زهر پي خودڪشي ڪئي هئي. سلوبوڊن پرالجاڪ بوسنيا جي انهن سياسي اڳواڻن ۽ فوجي اڳواڻن ۾ شامل هو جن کي هزارين بوسنيائي مسلمانن جي قتلام ۽ نسل ڪشي جي ڏوھه ۾ سزا ڏني ويئي هئي. ٻاهتر ورهين جي پوڙھي سلوبوڊن کي عالمي انصاف واري عدالت ۾  2013ع ۾ ويھه سال سزا ٻڌائي ويئي هئي جنهن خلاف هن اپيل داخل ڪئي  هئي ليڪن هالينڊ جي شھر دي هيگ ۾ سزا خلاف اپيل رد ٿيڻ تي هن عدالتي ڪٽھڙي ۾ زهر پي ڇڏيو، اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي مري ويو.

سقراط به  تڏھن خودڪشي ڪئي جڏھن کيس نو جوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سزا ٻڌائي ويئي جڏھن سندس اها سزا مقرر ٿي ته هن زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.  سقراط حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان گهڻو اڳ ڄائو هو.سقراط ۽ سلوبوڊن ۾ اهو فرق آھي ته سلوبوڊن هٽلر وانگي خوني نڪتو جڏھن ته سقراط انساني خون کي ختم  ڪرڻ  لاءِ معاشري جا بهترين اصول جوڙيا ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن جي ظلم خلاف آواز اٿاريو.

ويٽنام واري جنگ ۾ سڀني کان گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندڙ اتر ويٽنام جو جنرل  گياپ جنهن ويٽنام جي هنڌ ڊين بين فو،تي فراسيسي فوجن کي فيصلاتي شڪست ڏني هئي هو به هنگاما ڪرائڻ جو وڏو ماهر هو، هو به سخت مزاج ۽ دشمن جي خون جو خوب پياسو هو. سندس خيال هو ته گوريلا ويڙھه جي ذريعي جديد ترين هٿيارن کي مات ڏيئي سگهجي ٿي. هو چوندو هو جنگين ۾ ماڻھن جو مرڻ ڪا وڏي ڳالھه نه  آھي جيتوڻيڪ اهڙن ظالم انسانن طاقت جي ڏڍ تي هزارين انسان نه فقط قتل ڪرايا پر جنگ ۾ گرفتار ڪيل انسانن تي بري طرح جا تشدد به ڪرايا. انساني تاريخ اهڙن لکين واقعن سان ڀري پيئي آھي تاريخ جو باريڪ بيني سان مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اهڙن ظالمن انسانن جو انجام به ڏاڍو برو  ٿيو آھي پوءِ اهو جليانوالا باغ ۾ ڪوس ڪرائيندڙ جنرل ڊائر هجي يا وري جنرل ضياءَ هجي جنهن مارشل جي آڙ ۾ سياسي ماڻھن کي خاص ڪري سنڌي ماڻھن  کي اذيتون ڏيئي ۽ قومي ڪارڪنن کي گوليون هڻائي موت جي ننڊ سمهاريو ٿي. هن نه فقط سندس محسن چونڊيل وزير اعظم کي  ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو هو پر سندس دور حڪومت ۾ ڪلاشن ڪوف ڪلچر کي به هٿي ڏني ويئي ۽ لساني جهڳڙن جو بنياد ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت ٺھرائي وڌو هو. جنرل ضيا سندس ڪرتوتن جي ڪري خودڪشي ته ڪونه ڪئي ليڪن سندس موت ڀيانڪ ٿيو، جهاز حادثي ۾ سندس لاش جي سڃاڻپ به نه رهي.

 اهڙي طرح دنيا ۾ انهن ماڻھن جا موت ضرور ڀيانڪ ٿيا آھن جن دنيا ۾ بيگناهه انسانن جو خون ڪيو يا ڪرايو آھي.ظلم، قتل ۽ بربريت صدين کان ايندو پيو اچي، آڳاٽي دورن ۾ پيغمبر ۽ رسول به ايندا رهيا جيڪي الله جا حڪم انسانن کي ٻڌائي عدل، انصاف ۽ محبت جا معاشرا قائم ڪندا هئا. جيتوڻيڪ ان هوندي به ڪي اهڙا ظالم ماڻھو هوندا هئا جن تي نبين ۽ ولين جي تعليم جو به اثر نه ٿيندو هو، جيئن فرعون،ن، ابو جهل ، يزيد ۽ ٻيا.  عرب ۾  حضرت محمد صلعم جن جي اچڻ کان پوءِ نه فقط علم، انسانيت، محبت ، ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي  پر اها لاٽ ساري دنيا ۾ روشن ٿيڻ  لڳي ۽  اسلام جهڙي عظيم مذھب جنم ورتو ۽ اسلامي معاشري جي تشڪيل ٿيڻ شروع ٿي. دنيا ۾ قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ کان اڳ به انسانن جي رهبري لاءِ آسماني  ڪتاب نازل ٿيندا رهيا جن ۾ توريت، زبور ۽ انجيل اچي وڃن ٿا. اهي ڪتاب ۽ پيغمبر ڀٽڪيل انسانن کي صحيح دڳ تي آڻڻ لاءِ موڪليا ويا ۽ انهن ڪتابن ۾ رب تعاليٰ جي هيڪڙائي بيان ٿيل هئي. انهن ڪتابن ۾ اڳين ڀٽڪيل قومن جي تباهين جا به قصا بيان ٿيل هئا ته وري ڪامياب انسانن جا به قصا بيان ٿيل هئا.  انهن وڏن ڪتابن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب  مختلف ٻولين ۾ موجود هئا ليڪن  جنگين لڳڻ جي صورت ۾ اهي ڪتاب  تباھه ڪيا ويندا هئا  جيئن  ٻي صدي  قبل مسيح ۾ جڏھن يونانين يروشلم تي حملو ڪيو ته  انهن مقدس صحيفن کي ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيو  يا وري جڏھن رومين سن 70ع ۾ يروشلم تي حملو ڪيو ته اهي  ڪتاب پاڻ سان کڻائي ويا. عهدناما قديمن ۾  39ڪتاب ٻڌايا وڃن ٿا  جن مان پنجن ڪتابن جي باري ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اهي حضرت موسيٰ جا لکيل آھن انهن ڪتابن ۾  انساني زندگي گذارڻ جا نه فقط اهم گر سمجهايل هئا پر  اهي ڪتاب  اونداهن  معاشرن ۾  ٻرندڙ ڏيئن جيان  ھئا.  ان  هوندي به وقت جي بي انصافين،خونريزي۽ٻين بڇڙاين ڪري معاشرن ۾ جڏھن فاشزم وڌيو ٿي ته  نه فقط انساني زندگي تباهه ٿيڻ ٿي لڳي  ليڪن ان سان گڏ تهذيبون به نابود ٿي ويون ٿي، جنهن سان  طبعي حالتون،آلات ۽ اوزار نظام جا فڪري احساس ۽ سماجي قدر پائمال ٿي ويا ٿي. دنيا جون قديم تهذيبون جيڪي جنگين، ظلمن ۽ ٻين براين جي ڪري ختم ٿيون  انهن تهذيبن ۾  وادي سنڌ جي قديم تهذيب جنهن کي سواني تهذيب سڏجي ٿو،ان سميت آريا تهذيب،يوناني تهذيب،بابلي تهذيب،ايراني تهذيب،مغليا تهذيب۽ ٻيون تهذيبون ختم ٿي ويون. تهذيبون قومن جي سڃاڻپ هونديون آھن انهن جي مٽجڻ سان  انهن قومن جي الڳ سڃاڻپ ئي گم ٿي ويندي آھي. جيتوڻيڪ هن وقت مغربي تهذيب  مشرقي تهذيب ۾ وچڙي ويئي آھي جنهن سان  مشرقي تهذيب جي اعليٰ قدرن کي ڇيهو رسيو آھي  تنهن ڪري قومن کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي ثقافت ، ٻولي، ادب ۽ امن کي زنده رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو.

 آئون ظالم انسانن جي بري انجام جو ذڪر  ڪندي  ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتو آهيان ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته مون کي مڪلي تي گذاريل هڪ شام ياد ٿي پوي، جنهن ۾پٿريلي سرزمين کي مون گهوري گهوري ٿي ڏٺو،  ڇاڪاڻ  ته مڪلي جي  سرزمين تي ڪيترن ئي ڌارين  حاڪمن ڪاهون ڪري هتان جي  اصلوڪن  ماڻھن کي بيگناهه قتل ڪيو هو ۽ هتان جي تهذيب، ادب ۽ امن  کي تباهه ڪري هتي جا حاڪم ٿي  ويٺا  هئا.  هتان جو  حاڪم مرزا شاهه حسن جڏھن عمر رسيده ٿيو ته هن خودڪشي ڪئي هئي، سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن جي خود ڪشي جا ظاهري ڪارڻ ته معلوم نه آھن  پر هن جا بداعمال ئي هن جي خودڪشي جا ڪارڻ بڻيا  هوندا.

 اڃان تائين  خبر ناهي ڇو  طاقتور انسانن ۽ حاڪمن کي  اها ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي،  جيڪڏھن اسين سڀ اها ڳالهھ سمجهي چڱايون ڪريون ته  هي جهان هوند بهشت بڻجي پوي ۽ اسان کي زندگي ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا  نه پون.