ٻوڏ ۾ جُهريل سنڌ، علم جا خواب ڏسي ٿي!

0
302
پوين آفتن جا سيکاريل سبق ۽ اسانجي ويسر

 کلندي ئي لائبرري ڏانهن ڊوڙندڙ ٻار، پئٽرول پمپ جي بتين جي روشني ۾ دير تائين ڪتاب کولي علم جي اُڃ اُجهائيندڙ، ٻوڏ واري ڪئمپن ۾ پنهنجي درسي ڪتابن ۾ محو ٿي خواب ڏسندڙ، پنهنجو الهه تلهه وڪڻي ٻارن کي شهرن ڏانهن موڪليندڙ ماءُ پي، ۽ اهڙا ڪيترائي مثال ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته غريب سنڌ علم ۽ تعليم کي پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ لازمي سمجهي ٿي. اسانجو سماجي ۽ سياسي ڍانچو انصاف، برابري ۽ ميرٽ جي بجاءِ ان جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو. تان جو سرڪاري تعليمي بورڊن ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر جا نتيجا وڪامجن ٿا، کلي عام نيلام ٿين ٿا. ان کان پوءِ سرڪاري يونيورسٽين ۾ سيلف فئنانس، پئسن سان ورتل سيٽون ملن ٿيون، جتان اڌوگابرو علم ۽ عقل سان حاصل ڪيل ڊگريون وري جڏهن نوڪري جي ور چڙهڻ ٿيون ته عام نوڪري کان وٺي پبلڪ سروس ڪميشن تائين اُهو سيلف فئنانس وارو عمل جاري رهي ٿو. ايڏي نااُميدي جي فضا هجڻ جي باوجود ڏتڙيل سنڌ تعليم پرائڻ ۾ مڪمل يقين رکي ٿي! توڻي جي ڪاميابي جو چانس چند سيڪڙو کان به گهٽ هجي ٿو. ان ڪري ئي مون اڳ هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن ڪو ڪامورو، وڏو ماڻهو، وڏيرو، اشرافيه جو ماڻهو اوهان کي ايئن چئي ته “اهي گوڏر، اهي غريب ٻارن کي پڙهائڻ ئي نٿا چاهن” ته پڪ سمجهو ته اِهي بڪواس ڪري رهيا آهن، ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ماڻهن جا رستا بند ڪري رهيا آهن. اهي عام ماڻهن جي اڳتي وڌڻ ۽ تعليم يافته هجڻ کان ڊڄن ٿا!

آچر 29 جنوري 2023ع تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ان جي لاڳاپيل ڪئمپسن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا جي لاءِ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٽيسٽ ٿي گذري جتي شاگرد ۽ شاگردياڻين جا انبوهه پنهنجي ڪٽنبن، ماءُ پيءَ ۽ پنهنجا خواب کڻي پهتا، سي به ساڍن چئن هزارن کان مٿي! ٽوٽل ٻن هزارن سيٽن لاءِ، هر سيٽ جي حساب سان سوا ٻه (2.26) اُميدوار پهتا. ان مان نياڻين جو تعداد تقريبن 14 سيڪڙو هو، جيتوڻيڪ زرعي يونيورسٽي لاءِ اِهو اتساهه ڏياريندڙ انگ آهي پر ان مان هڪ ٻي خبر جي تصديق ٿئي ٿي ته ڪيئن اسانجي ڇوڪرين لاءِ پرائمري، مئٽرڪ کان پوءِ انٽر ۽ انٽر کانپوءِ يونيورسٽي تائين، هر تعليمي ڏاڪي تي رستا روڪ ٿئي ٿي. ان جا غربت، پدرشاهي نظام سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن.

ڪنهن به سرڪاري يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن ايترا ٻار پهچن ٿا، ان مان هڪ ٻيو عنصر پڻ سامهون اچي ٿو ته غريب سنڌ لاءِ اهي يونيورسٽيون ۽ ادارا علم جي تونس لاهڻ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. انهن يونيورسٽين ۾ پڙهائي جو معيار، سياست، تعليمي بورڊن جهڙي انتظامي حالت، مالي طور تي شديد کوٽ، نوڪرين جي ڀرمار، علم ۽ سائنس کان خالي ڪورس ۽ استاد، مارڪيٽ سان اڻ لاڳاپيل سبجيڪٽ، اڻ لڀ تحقيق- جهڙيون انيڪ ڪاٽو ڳالهيون ڪري ٿا سگهون پر اهي يونيورسٽيون ئي آهن جتي هر سال سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين اُميدوار بهتر آئيندي جا سپنا کڻي پهچن ٿا.

زرعي يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾ بدين جي هڪ شيدي نوجوان کان وائيس چانسلر محترم فتح محمد مري ٽيسٽ جي باري ۾ پڇيو ته هن وراڻيو “سر انشاءَالله آئون ٽاپ ڪندس!” هن کي پهريل ڪپڙا ڪنهن ڏهاڙي واري مزدور کان به شايد وڌيڪ ڳريل هئا. علم جي پياسي ان نوجوان انٽر ۾ بنا بورڊ جي سفارش جي اي ون گريڊ حاصل ڪيو ۽ سندس اکيون “اتساهه ۽ اُميد” سان جرڪيون پئي! مونکي پنهنجي دوست ارشاد احميد ميمڻ جي چار ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه ياد آئي، جيڪو مٽياري کان گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد انٽر پڙهڻ لاءِ ايندو هو، شايد هُو ڪاليج ۾ واحد شاگرد هو جنهن جي پيرن ۾ هوائي چپل هوندي هئي، جنهن ۾ موچيءَ جون لڳل چتيون پڻ هونديون هيون. جڏهن هُن حيدرآباد بورڊ مان پري انجنيئرنگ ۾ پوزيشن کنئي ته پوري ڪاليج هن جي ڪاميابي ۽ هن جي سڃاڻ هيئن ڪئي “هُو! اهو ارشاد جنهن جي پيرن ۾ هوائي چپل پيل هوندي آهي، تنهن پوزيشن کنئي آهي!” اِها چپل جي نسبت سان سڃاڻ هڪ اُتساهه ڏيندڙ حقيقي استعارو آهي، جنهن تي غريب سنڌ اڄ پڻ يقين ڪري ٿي! باوجود ان جي ته انهن پوين چئن ڏهاڪن جي هر گذرندڙ سال ۾ ان کان ان جي علم ۽ قابليت جي بنياد تي نوڪري حاصل ڪرڻ، پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ ۽ روزي روٽي يا وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن ۽ بند ٻڌا ويا آهن.

سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ نه صرف شهري سنڌ پر ٻهراڙي واري سنڌ جو شعور وڌايو آهي، هاڻ ٻهراڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آواز اچن ٿا ته اسان کي اسڪول ڏيو، استاد ڏيو، فرنيچر ڏيو. معنيٰ اسان لاءِ علم جا رستا کوليو. سنڌ کي اڳتي وڌي ترقي لاءِ ڪافي شين ۽ شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ سڀ کان اُتاهان ۽ اهم شعبا تعليم، هنر ۽ ٽيڪنالاجي آهن. ان لاءِ ان ڪمزور ترين سرڪاري يونيورسٽين تي تحقيقي، تنقيدي ۽ صلاحيت جي ڪٿ ڪري ڪمزورين، ڏکاين، موقعن ۽ بهترين کي کولي ڏسي، انهن جا دڳ سڌا ڪرڻا آهن.

سياسي سائنس جي پروفيسر  محترم رسول بخش رئيس چواڻي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم سان لاڳاپيل بحران جا ٽي بنيادي مسئلا آهن. هڪ اعليٰ تعليم لاءِ طرز حڪمراني يا گورننس، ٻيو يونيورسٽين جي اڻ پوري کٽل بجيٽ يا معاشي ذريعا ۽ ٽيون يونيورسٽين تائين نوجوان جي گهٽ پهچ. تحقيقي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پاڪستان جي سطح تي جيڪي نوجوان يونيورسٽي تائين پهچڻ يا تعليم وٺڻ جا اهل آهن، انهن جو صرف نَوَ (9) سيڪڙو داخلا وٺي سگهن ٿا. جڏهن ته ٻهراڙي واري سنڌ ۾ اِهو سيڪڙو اڃان تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن ان ساڳي معيار تي هندستان سان ڀيٽ ڪجي ته اتي اِهو 28 سيڪڙو کان به مٿي آهي. سنڌ جون سرڪاري يونيورسٽيون، خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽي وٽ پنهنجن ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جيترا پئسا ڪونه آهن. ان ڳالهه کان قطعه نظر ته انهن يونيورسٽين ۾ پوين ڪيئي سالن جي اندر ضرورت کان ڪيئي سيڪڙو مٿي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، جن جو محرڪ آقائن ۽ وڏن واڳ ڌڻين کي خوش ڪرڻ سان گڏ پنهنجو به پيٽ ڀريل رکڻو هو. پر حقيقت اِها آهي ته انهن يونيورسٽين کي پگهارون ۽ پينشن نه ڏيڻ واري سوري تي ٽنگيل هجڻ واري ڪيفيت مان ڪڍي پوءِ ڊگهي عرصي جي رٿا بندي ڪري پلان جوڙيا وڃن. جڏهن يونيورسٽي جي انتظاميه پگهارن ۽ پينشنن نه ملڻ جي ڪري هر ٿيندڙ مسلسل احتجاجن مان نڪري سگهندي ته پوءِ تعليم جي بهتري لاءِ ٻيا قدم کڻي سگهندي. اسان ڏٺوسين ته ڪووڊ جي دؤران صنعتي شعبي کي ڪيترن سون اربن جي سهولت ڪاري / سبسڊي ڏئي وڏن صنعتڪارن کي سهولت ڏني وئي، ساڳي طرح ڪيترن ئي ادارن کي (مرڪزي ۽ صوبائي) ڪيترا سئو ارب ڏنا ٿا وڃن ته جيئن انهن جي کوٽ پوري ٿي سگهي. انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ ته ڪافي سالن کان پوئتي پيل ۽ خساري واري رهي آهي. ان ڪري جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڏهن کان پندرهن اربن جي پيڪيج سان سرڪاري يونيورسٽين جي هڪ دفعو ساهتا ڪندي ته انهن يونيورسٽين کي انتظامي طور واٽ تي آڻي باقي بهتري جا ڪم ڪري سگهبا.

انهي بهتري وارن ڪمن ۾ يونيورسٽين جي ادارتي ڪٿ ۽ حالت جي جانچ(انسٽيٽيوشنل اسيسمينٽ)  لهڻ، پنجن کان ڏهن سالن جو بزنس پلان ۽ ڊگهي مدت واري رٿابندي جو پلان جوڙڻ، واڌو ملازمن جو ڪاٿو ڪري انهن کي رٽائرمينٽ پلان وغيره ڏيڻ، پوري تعليمي، فئڪلٽي، سبجيڪٽن، تحقيق ۽ ڊگرين کي عالمي معيار تي آڻڻ جو پلان جوڙڻ، ايندڙ 20 کان30 سالن تائين علم، هنر ۽ ٽيڪنالاجي جي حساب سان پاڪستاني ۽ عالمي گهرجن ۽ مارڪيٽ کي ڏسندي ڊگريون يا ڪورس ڊزائن ڪرڻ، يونيورسٽين کي زرعي، صنعتي، سروسز ۽ ٻين ڪاروباري شعبن سان ڳانڍاپو ڪري نوجوانن لاءِ نوڪرين، ڪاروبار ۽ گهربل تحقيق سان ڳنڍڻ ۽ مسئلن جا حل ڳولڻ، عالمي سرٽيفيڪيٽن ۽ مڃتا وارا ڪورس ڪرائڻ کي ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ خاص ڪري انگريزي، سائنسي سبجيڪٽ، مئٿس ۽ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ ۽ تنقيدي سوچ ۾ وڏي ڪمزوري آهي. انهن شين کي ذهن ۾ رکندي فائونڊيشن ڪورس ڪرائڻ، پڙهڻ جي دوران تربيت ۽ ڪمپيوٽر جي بنياد تي سکيا ، نياڻين جي لاءِ وڌيڪ سيٽون ۽ رستا کولڻ، هڪ فعال ۽ شفاف نظام برپا ڪرڻ جهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا.

هڪ ٻيو سوال جيڪو اڪثر ڪيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽيون مثال طور تي لاهور يونيورسٽي آف مينيجمنٽ سائنس جهڙيون ڇو ڪونه ٿي ٿيون سگهن. هن قسم جا سوال اڪثر لاڳاپيل ڪامورا ۽ سياسي (يا غير سياسي پاور وارا) ماڻهو ڪندا آهن. هڪ ٿلهي ليکي سان ان معيار تي اچڻ لاءِ سنڌ جي يونيورسٽين کي ٻين ڪيئي ڪم ڪرڻ سان گڏ صرف بجيٽ لاءِ هڪ سؤ پنجاهه اربن کان وڌيڪ پئسا کپن جڏهن ته هن وقت سڀن يونيورسٽين کي صرف پندرهن ارب مس ملن ٿا.

ارڙهين ترميم صوبن جي خود مختياري ڏانهن هڪ اهم ۽ تاريخي ڪم آهي، جيڪو پيپلزپارٽي جو دؤر ۾ ممڪن ٿيو. ان جي نتيجي ۾ ٻين اهم ڪمن سان گڏ سنڌ جي صوبائي هائر ايجوڪيشن ڪميشن پڻ جوڙي وئي ۽ مرڪزي هائر ايجوڪيشن پڻ ڪم ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته مرڪزي هائر ايجوڪيشن کان اڳ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن هئي ۽ ڪيئي ڏهاڪن جي تجربي مان گذري ان منزل تائين پهتي آهي، ان ڪري پنهنجن ڪافي ڪمزورين جي باوجود نسبتي طؤر تي ڪافي بهتر ادارو آهي. سنڌ جي هائرايجوڪيشن ڪميشن کي اڃان وڏو رستو طئي ڪرڻو آهي، ان جو بنيادي ڍانچو اڃان تائين ڪامورا شاهي جي ور چڙهيل آهي. دنيا ۾ اعليٰ تعليم جا ادارا خود مختيار، سياسي ۽ ڪامورڪي چنبن کان نڪتل هوندا آهن ۽ انهن جي سربراهي علم، دانش، سائنس، فلسفي ۽ ڏاهپ جي ماهرن جي حوالي هوندي آهي. اسان وٽ اڃان اِهي قدر برپا ٿي نه سگهيا آهن، جنهن تي سڀني سياسي ۽ سماجي ادارن کي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.