هاف فراءِ فل فراءِ سان ڏوهه گهٽبا!؟ … رياض سولنگي فيض گنج مان لکي ٿو

0
184
هاف فراءِ فل فراءِ سان ڏوهه گهٽبا!؟ ... رياض سولنگي فيض گنج مان لکي ٿو

سنڌ اندر جيڪا تازو برسات تباهي مچائي اها قيامت وانگر هئي  سموري سنڌ برسات سبب تباهه ٿي وئي. برسات ۽ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا مال متاع ماڻهن جو مري ويو. هن ايتري تباهي دوران جيڪا سنڌي ماڻهن هڪ ٻئي جي هن ڏک واري گهڙي ۾ مدد ڪئي اها سنڌ جي مهمانن نوازي کي تازو ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي ۾ محبت پيار ۽پنهجائپ نظر آئي. بهرحال هي مختصر برسات جي ڪهاڻي ان ڪري لکي  ته هن وقت تائين سنڌ جا ماڻهو ڏکي وقت مان گذري رهيا آهن برسات ختم ٿي وئي سنڌ اندر برساتي پاڻي سڪي ويو ٻوڏ مان گذرندڙ  عوام ڏکن سکن کي منهن ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ٿي ويو آهي. برسات ۽ٻوڏ جتي ماڻهن کان سڀ ڪجھه کسي ختم ڪري ڇڏيو آهي اتي وري هاڻي ٻوڏ متاثر عوام مٿان برسات کان به وڌيڪ ٻي آفت آئي آهي اها آفت بدامني، چوريون ڦرون، گهرن مان ڌاڙا، موٽر سائيڪل ڦر، دڪاندارن کي يرغمال ڪري پئسا ڏوڪڙ ڦر ڪرڻ  آهي.بدامني برسات کان به وڌيڪ ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بدامني سموري سنڌ اندر برسات وانگر ڪڙڪي پئي آهي روزاني جي بنياد تي ڪيتريون ئي ڦرون چوريون ڪيون وڃن ٿيون. ڪجھه ڏينهن اندر سنڌ اندر مذاحمت ڪرڻ تي 15کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، ڪيترائي ماڻهن مزاحمت تي زخمي ٿي چڪا آهن. سنڌ اندر تيزي سان وڌندڙ بدامني تي پوليس ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيندي نظر آئي آهي. پوليس پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ بدامني ۽ ڏوهن کي روڪرائڻ لاءِ پراڻو طريقو هاف فراءِ فل فراءِ ڪرڻ شروع ڪيو آهي،

سموري سنڌ اندر ڪجهھ ڏينهن اندر مختلف ضلعن جي پوليس سکر ،شڪارپور، لاڙڪاڻو، حيدر آباد، ڪراچي، بدين، ٺٽو ،گهوٽڪي، خيرپور، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، ميرپور خاص، نوشهرو فيروز، دادو، ڄام شورو، سانگهڙ، مٺي سميت مختلف شهرن ۾ پوليس مقابلا ڏيکاري 20کان وڌيڪ ڏوهارين کي فل فراءِ ڪرڻ جي دعوا ڪري ٿي جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ مختلف شهرن۾ ڏوهاري هجڻ وارا الزام لڳائي ماڻهن کي هاف فراءِ ڪيو ويو آهي. پوليس پاران فل فراءِ هاف فراءِ  پروگرام شروع ڪرڻ بعد اڪثر فل فراءِ يا هاف فراءِ ٿيندڙ ماڻهن جا وارث احتجاج ڪندي نظر ايندي چون ٿا ته پوليس ٻه ڏينهن چار ڏينهن اڳ ان همراهه کي گرفتار ڪرڻ بعد هاڻي فل يا هاف فراءِ ڪيو آهي. ممڪن آهي دانهون ڪندڙن جون اهي دانهون جائز به هجن ڇو ته پوليس جا جيڪي مقابلا ٿيا آهن اهي هڪ ٻن مقابلن کانسواءِ سمورا پوليس مقابلا مشڪوڪ نظر اچن ٿا ڇاڪاڻ ته اڪثر مقابلا رات جي وقت ۾ پوليس ڪري ٿي. سنڌ اندر تيزي سان پوليس مقابلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن اتي وري بدامني به پوليس مقابلن کان گوءِ کڻي وئي آهي. پوليس چار مقابلا ڪري ٿي ته وري بدامني جون 10وارداتون ٿين ٿيون. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا پوليس مقابلن سان وڌندڙ ڏوهن بدامني تي ڪنٽرول ٿي سگهندو ؟شايد ممڪن نه آهي ڇو ته پوليس پاران فل فراءِ هاف فراءِ اهي ماڻهو ٿي رهيا آهن جيڪي ڏوهن جي دنيا کان پري ٿي چڪا آهن يا ننڍا ڏوهاري آهن يا وري پوليس وارا وڏيرن ڀوتارن سياستدانن جي ونگار وهندي ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد وڏيرن ڀوتارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري  ٻه  چار ڏينهن اڳ ۾ گرفتار ٿيل همراهه کي ڏوهاري قرار ڏئي فل – يا – هاف فراءِ ڪن ٿا. پوليس جي اهڙن عملن سان سنڌ اندر ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ئي نظر نٿو اچي. سنڌ اندر مختلف ضلعن تي اهڙا به ايس ايس پيز  مقرر ٿيل آهن جن ماضي ۾ ڪيترن ئي ڏوهارين کي فل فراءِ ڪيو پر اهي ساڳيا ايس ايس پي مختلف ضلعن ۾ مقرر ٿيل آهن پر ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ بجاءِ فل فراءِ هاف فراءِ کي شايد وڌيڪ اهمت ان ڪري به ڏئي رهيا آهن ته ماڻهو مارڻ سان ماڻهن ۾ خوف ايندو ۽ڏوهن تي ڪنٽرول ٿي ويندو پر ايئن ممڪن ٿيندي نظر نه پيو اچي. ڪجھه ڏينهن اندرهڪ سئوکان وڌيڪ ماڻهن کي گوڏن ۾ گوليون هڻي انهن کي معذور ڪيو ويو آهي پر بدامني ڏوهن تي ڪنٽرول ٿيندي نظر نه پيو اچي. پوليس پاران فل فراءِهاف فراءِ ڪرڻ واري عمل سان ڀوتارن وڏيرن يا ايس ايس پي پنهنجي مرضي موجب مقرر ڪرائيندڙ ته پوليس مان خوش هوندا پر عوام ۾ پوليس لاءِ  نفرت ان ڪري به وڌي رهي آهي ته پوليس ڪوڙا جڙتو مقابلا ڪري رهي آهي. وڏا ڏوهاري جيڪي نالي وارا آهن جن مٿان سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين رپيا انعام رکيل آهن انهن ڏوهارين کي پوليس گرفتار ڇو نٿي ڪري. ڇا اهي ڏوهاري پوليس کان به وڌيڪ طاقتور آهن يا پوليس ان خوف ڪري انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري ته وڏي ڏوهاري کي پڪڙڻ يا مارڻ سان پوليس تي حملا ٿي سگهن ٿا. پوليس کي ڏوهارين مان خطرو ٿي سگهي ٿو. پوليس جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي ان سان خوف ضرور پئدا ٿيو آهي پر فل فراءِ هاف فراءِ ڪرڻ سان ڏوهه گهٽيا نه آهن رهندو ڏوهن ۾تيزي اچي  وئي آهي. تازو آءِ جي سنڌ پاران ڏوهارين  جي هڪ لسٽ جاري ڪندي ڏوهارين مٿان انعام رکيو ويو هو. آءِ جي سنڌ ۽سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ان لسٽ مان هڪ به ڏوهاري کي پوليس فل يا هاف فراءِ ڪري نه سگهي آهي ان جو ڪارڻ ڇا آهي ؟ سنڌ حڪومت گهرو کاتو اهڙو طريقو اختيار ڪري جنهن سان بدامني تي ڪنٽرول ڪرائي ڏوهاري ماڻهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ سان گڏ عوام کي بدامني جي باهه کان بچائجي ته جيئن عوام جو اعتماد پوليس تي ٻيهر بحال ٿي  سگهي.