بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف لڳ الله بخش جروار ۾ بجلي جو ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هادي بخش جروار سخت زخمي ٿي پيو، کيس وارثن پاران نازڪ حالت ۾ ٽنڊوالهيار سول اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.