دادو (رپورٽر) دادو _مورو پل وٽ سنڌو درياهه ۾ مڇي مارڻ دوران 50 سالن جو عبدالغفور ملاح درياهه جي پاڻي ۾ هنيل رڇ ۾ ڦاسي ٻڏي ويو، موقعي تي موجود مهاڻن عبدالغفور کي ڪڍي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو، جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي سندس وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.