جروار(ن پ ا) جروار ۾ بوزدار رائيس مل اڳيان بيٺل جي ايل آءِ ڪار کي وائرنگ مان باھ لڳي وئي، ميرپور ماٿيلي واسي دليپ ڪمار جروار ۾ شادي تقريب تي آيل هو ۽ ڪار کي بوزدار فيڪٽري اڳيان بيهاري جتي ڪار کي وائرنگ مان باھ لڳي وئي، جنهن ۾ ڪار سڙي رک ٿي وئي.