هالا (ن پ ا) هالا ۾ زميني تڪرار تان ڏاهري ۽ ڀچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺين ۽ سرن جو آزادانا استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾علي محمد، نور محمد ۽ شاهنواز سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، ٻي طرف اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي ڀچا برادري جي 4 ماڻھن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن عبدالغني جي فرياد تي ڀچا برادي جي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.