ميرپوربٺورو/ جھوڪ شريف(نمائندا) پ پ پ ۾ شامل شيرازي گروپ جي اڳواڻ شفقت شاھ شيرازي پاران يونين ڪائونسل جھوڪ جي پ پ پ مخالف اميدوار جي اليڪشن مهم هلائي چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، انهي سلسلي ۾ يونين ڪائونسل جھوڪ شريف جي ڳوٺ پير صالح محمد شاهه ۾ يونين ڪائونسل جھوڪ تي مسلم ليگ نواز پاران چئرمين جي سيٽ تي اميدوار لعل بخش جتوئي ۽ ساڳئي يوسي ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ جي سيٽ تي پ پ پ پاران نامزد اميدوار صالح محمد شاھ پاران اليڪشن گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي. شفقت شاھ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سندن پاران بيهاريل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي. ان موقعي تي مسلم ليگ نواز پاران نامزد اميدوار لعل جتوئي پڻ اسٽيج تي ساڻس گڏ بيٺل هو. ٻئي پاسي  ٽائون ڪميٽي جي چئن وارڊن تي 9 اميدوارن ۾ 15 جنوري تي مقابلو ٿيندو، ٽن وارڊن تي پ پ پ اميدوارن سامهون جي يو آئي اميدوار آمهون سامهون آهن،  هڪ وارڊ تي پ پ پ اميدوار قومي عوامي تحريڪ ۽ آزاد اميدوار سان مقابلو ڪندو، ڪل 9443 ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪندا.