همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان شاخ وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پنجاب جي شهر بکر جي رهواسي پورهيت ساجد چنڙ جو 8 ورهين جو معصوم پٽ محمد علي سخت زخمي ٿي پيو،  جنهن کي پيءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ همايون شريف ٿاڻي تي کڻائي پهتو، پوليس ليٽر ڏيڻ بعد علاج لاءِ نينگر کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو، جتي سورن جي سٽ نه سهندي معصوم نينگر پيءُ جي هنج ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،پوسٽ مارٽم بعد مڙهه والد حوالي ڪيو ويو، ساجد چنڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پٽ جو خون معاف ڪري ڇڏيو.پوليس موجب نينگر ۽ سندس والد سنڌ ۾ ڪپڙا وڪرو ڪري گهر جو سفر گذر ڪرڻ لاءِ نڪتل هئا ته حادثو پيش آيو.