قاضي احمد (ن پ ا) زندگي مسلسل جدوجھد جو نالو  آھي، قاضي احمد واسي پيٽيس وڪڻي گذر سفر ڪندڙ نوجوان بيروزگاري سان ويڙھاند ڪندي نيٺ ماستري جي نوڪري حاصل ڪري ورتي، خبر موجب 40 پلس مارڪون کڻي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ سنڌي ۽ سرائڪي ٻولي جي مشھور نعت خوان سليم  الله سيال کي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي 14 اسڪيل جي نوڪري جو آڊر ڏنو ويو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري قربان علي راهو کيس آفر آڊر ڏنو، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل نوجوان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ٿيڻ باوجود آفر آڊر نه ملڻ واري عمل خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي هئي، هو بيروزگاري سبب شھر جي گهٽين ۾ پيٽيس کپائي پيٽ گذر ڪندو هو.