بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ سمورا 25 دهشتگرد مارجي ويا

0
172
بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ سمورا 25 دهشتگرد مارجي ويا، 7 دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سي ٽي ڊي جا 2 اهلڪار شهيد ٿيا

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سي ٽي ڊي ڪامپليڪس بنون تي ٻاهران ڪو به حملو نه ٿيو، ڪامپليڪس اندر پڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ موجود 35 دهشتگردن اها صورتحال پيدا ڪئي

CTD

ميجر جنرل احمد شريف موجب هڪ دهشتگرد سي ٽي ڊي اهلڪار کان هٿيار ڦري فائرنگ ڪئي هئي، دهشتگرد افغانستان وڃڻ لاءِ محفوظ رستو گهري رهيا هئا

هن چيو ته آپريشن دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا، 7 ڄڻن هٿيار ڦٽا ڪيا، 3 دهشتگردن کي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو

بنوں، ٹی ٹی پی، سی ٹی ڈی

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اولهه سرحد تان اٿيل دهشتگرديءَ جي تازي لهر کي اڀرڻ نه ڏنو ويندو، جيڪو به اسان جي خلاف ايندو ان جو مٿو چٿي ڇڏينداسين

هي به پڙهندا

رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي:وزيراعظم

بنون ۾ آپريشن مڪمل، سمورا دهشتگرد مارجي ويا