ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ سي ٽي ڊي اهم ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگرد ماري ڇڏيا. دشت جي علائقي اسپلينجي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا. دهشتگرد صوبي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا. هنن تي پوليس ۽ ليويز اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو الزام هو. وٽائن هٿيار ۽ دستي بم هٿ آيا.