ڪنڌڪوٽ/غوثپور (رپورٽ: عمران علي کوسو+ ظفر ڀيو) ڪنڌڪوٽ ويجھو ڀيا ۽ ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري معاملي تان پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، واٽهڙو سميت 2 زخمي، ان ڏس ۾ ڪچي واري علائقي ڳوٺ نهال جعفري ۾ ڀيا برادري جي هٿياربندن پراڻي چوري معاملي تڪرار تان نوجوان عارف ڏاهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن پلاند ۾ دبئي هوٽل ڀرسان چانهن واري هوٽل ڪم ڪندڙ  صابر ڀيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ دوران هڪ  واٽهڙي خادم لولئي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، اطلاع تي  پوليس پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان ايس ايس پي ڪشمورڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ ٻڌايو ته  هٿياربندن جي گهرن تي اي پي سي چين سميت پوليس موڪلي آهي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ايس پي موجب جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، ٻي طرف   ڀيا برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ڏاهاڻي هٿياربندن پلاند ۾ ناحق  مزدور نوجوان کي قتل ڪيو آهي، جنهن جو  تڪرار سان ڪوبه واسطو نه هو.  ياد رهي ته ڀيا_ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ وچ ۾ چوري معاملي تان جهيڙو شروع ٿيو هو، جنهن ڌرين جا  مجموعي طور 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.