ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي پوليس ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ رائونتي واسي نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو، لاش وارثن حوالي. خبر موجب ڏهرڪي پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته معمول جي گشت دوران مهاڻا پل وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ رائونتي واسي راشد ڪوش مارجي ويو، جنهن جي قبضي مان سنگل بيرل بندوق ملي آھي. پوليس جي دعويٰ موجب مارجي ويل راشد سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو پر پوليس ڏوهي رڪارڊ سامهون نه آڻي سگهي آھي. ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته راشد ڪوش کي هڪ ڏينهن اڳ رائونتي پوليس ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو جهلم واسي ٻن ڄڻن کي موٽرسائيڪل تي کڻي ڪچي طرف وڃي رهيو هو. پوليس ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائي راشد کي گرفتار ڪري ڏهرڪي پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن اڄ مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو. راشد جو لاش وصول ڪرڻ سندس ڀيڻ سسئي ڪوش ۽ ماسي ڀنڀي ڏهرڪي اسپتال پهتيون. سسئي ڪوش ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ڏوهاري نه هو، ڪرائي ته موٽرسائيڪل هلائيندو هو. پوليس ڀاءُ کي ماري ڪهر ڪيو آھي.