ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي زوب ۾ گاڏي تي فائرنگ، قبائلي اڳواڻ سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، اي سي زوب حافظ محمد طارق جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو زوب جي علائقي مرغا ڪبزئي ۾ عورلم روڊ تي پيش آيو، جتي هٿياربندن قبائلي اڳواڻ احمد ڪبزئي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ احمد ڪبزئي ۽ سندس ٻن ڀائرن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، هن ٻڌايو ته فائرنگ سبب گاڏي ۾ باهه به لڳي وئي ۽ سڙي وئي، ليويز موقعي تي پهچي مقتولن جا لاش ڊي ايچ ڪيو منتقل ڪيا، سڃاڻپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.