لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته صدر عارف علوي ڪالهه اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪيو. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته صدر عارف علوي پاران اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪرڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، سياستدانن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ گهرجن.