پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ تان پي ٽي آءِ ايم اين ايز رابطا ڪيا آهن ته ڌار اليڪشن نه ڪرايو، گورنر غلام علي جو چوڻ آهي ته مون پي ٽي آءِ ميمبرن کي صلاح ڏني آهي ته اها ڳالهه عمران خان کي سمجهايو، سموريون سياسي پارٽيون الڳ چونڊون نه ٿيون چاهين، جيڪڏهن الڳ چونڊون ٿيون ته هر سال ساڳيو حال ٿيندو. هن چيو ته ملڪ جي مسئلن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻا آهن، چونڊن لاءِ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، اليڪشن ڪميشن وٽ وسيلا ناهن، اليڪشن ڪميشن کي سڪيورٽي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.