اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت رائو انوار کي نالو ڪڍرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ ۽ ڪڍڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي. ياد رهي ته رائو انوار جو نالو نقيب الله قتل ڪيس سبب اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو پر عدالت کيس ڪيس ۾ آزاد ڪري ڇڏيو آهي.