راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير خضدار جي دوري جي موقعي تي بلوچستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ بهترين آپريشنل تيارين تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جي علائقن خضدار ۽ بسيمه جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پرامن ۽ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ٻاهرئين دشمن جي بلوچستان ۾ پرامن ماحول خراب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان آگاهه آهيون، تنهن ڪري صوبي ۾ فوج جي مقرري ۽ آپريشنز تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪنداسين. بيان موجب آرمي چيف جي بلوچستان پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور سندس آجيان ڪئي.