سجاول (رپورٽر) سجاول واسي 2 نوجوان مبينا طور ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويا،نوجوانن وارثن سان فون تي رابطو ڪري نگ جي رقم جو بندوبست ڪرڻ جو چيو آھي، ان ڏس ۾ ڳوٺ عمر ساند جا رهواسي 2 نوجوان عبدالڪريم ساند ۽ عمر ساند گذريل پنج ڏينھن کان گم ٿيل ھئا، ان حوالي سان مغوي نوجوانن جي وارثن غلام محمد ۽ ٻين ٻڌايو ته  ٻئي نوجوان گذريل پنج ڏينهن کان گم هئا،   اڄ اسان کي مغوي نوجوانن مان هڪ مغوي عمر ساند جي فون آيو آهي جنهن فون تي ڳالهائيندي اسان کي روئي ٻڌايو  ته اسان کي ڌاڙيلن اغوا ڪري اڻ ڄاتل ھنڌ تي رکي ڇڏيو آھي، ڌاڙيل اسان کي ڏينهن رات مارڪٽ به ڪن ٿا، وارثن موجب ته ڌاڙيل ڀنگ گهري رهيا آهن، نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.