اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي اربع ۽ خميس تي بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائون اتر بلوچستان ۾ 18 جنوري تي داخل ٿي رهيون آهن. 19 جنوري تي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. ڪوئته، زوب، بارکان، زيارت، چمن، پشين، نوڪنڊي، دالبدين، هرنائي، قلعه سيف الله ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي شهر ۾ 21 ۽ 22 جنوري کان ٿڌ جي نئين لهر داخل ٿيندي جيڪا خشڪ موسم جو سبب بڻجندي. نئين لهر دوران برسات جو امڪان نه آهي. جڏهن ته جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز ۾ 18 ۽ 20 جنوري تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي تازي لهر 24 ڪلاڪن تائين برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن ته اڄ کان ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.