باھو کوسو(ن پ ا) بلوچستان جي بولان جي نوشمان واري علائقي ۾ ايم پي اي ڪڇي سردار يار محمد رند جو پٽ سردار خان رند گاڏين جي قافلي سان ڪوئيٽا کان پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته  گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي. ڌماڪي سبب سردار خان رند جيگاڏي ۾ پٺيان ويٺل ٻه گارڊ محمد عمر پٽ محمد صديق رند ۽ محمد حسن پٽ بنگل خان جتوئي موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏھن ته محمد رمضان رند ۽ حبيب علي رند سخت زخمي ٿي پيا، سردار خان رند ڌماڪي ۾ محفوظ رھيو. اطلاع تي ڊاڊر ٿاڻي جي ليويز پوليس پھچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڊاڊر پھچايو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڊر فھد شاھ راشدي صحافين کي ٻڌايو ته ايم پي اي ڪڇي سردار يار محمد رند جو پٽ گاڏين جي ڪافلي سان ڪوئيٽا کان پنھنجي گھر وڃي رھيو ھو ته نوشمان وٽ ھن جي گاڏي باروڊي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، جنھن ۾ ھن جا ٻه گارڊ مارجي ويا ۽ ٻه گارڊ سخت زخمي ٿي پيا آھن جنھن کي ڊاڊر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ سردار خان رند جي گاڏي تباھ ٿي وئي آھي ۽ پاڻ محفوظ آھي.