خضدار (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن کي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بااختيار ماڻهن آڏو اٿاريندس ۽ انصاف جي بنياد تي مسئلو حل ٿي ويندو. خضدار ۾ ڪچلاڪ قومي شاهراهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منهنجي لاءِ اڄ اهم ڏينهن  آهي، پاڪستان جي ان صوبي جي راڄڌاني ۾ موجود آهيان، جتي قائد اعظم بلوچستان جي نمائندن کي خطاب ڪيو هو، قائداعظم جا ارشاد نوجوان وڏي غور سان ٻڌي رهيا هئا، هي واحد صوبو آهي جيڪو بلوچن، پشتونن ۽ ٻين قومن جو صوبو آهي، ترقي جي حوالي سان بلوچستان پوئتي رهجي ويو آهي، سئي مان گيس نڪري ٿي پر مقامي ماڻهو گيس جي سهولت کان محروم آهن، بلوچستان جي عوام کي ڪجهه ناهي مليو. شهبازشريف چيو ته صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ريڪوڊڪ جي سون ۽ ٻين مهانگائي معدنيات جا ذخيره دفن آهن، جيتري هن صوبي جي صلاحيت آهي، اسان اوترو فائدو ناهي کنيو،  اهو اسانجي انفرادي ۽ اجتماعي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي، اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻو پوندو.هن چيو ته هتي ماضي ۾ دهشتگردي جيڪا تباهي مچائي، ان جو مثال جيڪڏهن آهي ته ڪي پي ڪي ۾ آهي، جيتوڻيڪ سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي 2000ع کان وٺي 2013، 2014ع تائين تباهي مچائي هئي، بلوچستان جيڪي قربانيون ڏنيون، ان جو مثال ئي نٿو ملي، ماڻهن پنهنجي پيارن جا لاش کنيا ۽ يقينن اسانجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن قربانيون ڏئي دهشتگردن کي شڪست ڏني، هاڻ دهشتگردي وري کر کنيو آهي، جنهن جو سبب اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا، مونکي ڪوبه شڪ ناهي ته اسان گڏيل ڪاوشن ۽ يڪجهتي سان دهشتگردن کي ٻيهر شڪست ڏينداسين پر شرط اهو آهي ته قوم اندر اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي آهي، فيصلي ڪرڻ جي قوت هجي، وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي محرومين سان ڪوبه اختلاف ناهي، ان ۾ ڪابه ٻي راءِ ناهي ته مختلف سبب جي ڪري هي صوبو ترقي جي راهه ۾ پوئتي رهجي ويو، اڄ هتي محرومين ۽ مشڪلاتن ۾ جيڪا شئي وڌيڪ مشڪل پيدا ڪري رهي آهي، اها هڪ بيانو آهي ته اتر بلوچستان ۽ ڏکڻ بلوچستان، مون پنهنجي فوج ۽ پشتون ڀائرن سان ڳالهايو آهي ته خدارا ان بيانيي کي ختم ڪريو ۽ اهو چئو ته بلوچستان جي جنهن به حصي ۾ بنيادي سهولتون ناهن، جتي ناانصافي آهي، ان جا مسئلا حل ڪيا وڃن، هن چيو ته مون نمائندن سان ڳالهايو آهي، امن امان تي بريفنگ ورتي آهي، ترقياتي منصوبن تي ملاقات ڪئي آهي، اسيمبلي ميمبرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، اسان بلوچستان جي مسئلن تي کُلي ڳالهائيندا آهن، ترقياتي ڪم ۽ خوشحالي جا معاملا تمام گهڻو ضروري آهن پر اسانجا ٻيا به مسئلا آهن، جيڪي ٻين صوبن ۾ ناهن، هن چيو ته بلوچستان جي قيادت مسنگ پرسن تي ڳالهائي رهي آهي، رڳو سياسي جماعتون نه پر اڄ هتي وڪيل به آواز اٿاري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته ترقياتي ڪم گهڻا ضروري آهن پر ان کان هٽي ڪري گم ٿيل ماڻهن ۽ ٻيا مسئلا پهرين حل ڪيا وڃن، سردار اختر مينگل سڀ کان وڌيڪ تاڪيد سان بار بار ذڪر ڪندو آهي، آئون کين يقين ڏياريان ٿو ته مسنگ پرسن جو مسئلو  بااختيار ماڻهن آڏو اٿاريندس، مسئلو انصاف تحت حل ڪرائيندس، جيڪڏهن اسان هي مسئلو قانون ۽ انصاف تحت حل نه ڪري سگهياسين ته هتي محروميون ۽ مايوسي موجود رهندي، چاهي اسان هتي کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ڇڏيون. وزيراعظم اعلان ڪندي چيو ته بلوچستان جي غربت ختم ڪرڻ لاءِ  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان پنج لک خاندانن لاءِ اضافي پروگرام جو اعلان ڪري رهيو آهيان، جنهن تي شايد 10 ارب خرچ ٿيندو پر فوري طور جاري ڪنداسين، وظيفو مشروط طور ڏينداسين، پهرين ٽي مهينا رعايت هوندي پر ان کانپوءِ شرط اهو هوندو ته فائدو حاصل ڪندڙ خاندان پنهنجي ٻارن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي پڙهائيندا، جيڪو خاندان پنهنجي ٻارن کي اسڪول نه موڪليندو، ان لاءِ هي پروگرام بند ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته نوازشريف جي دور ۾ ڪوئيٽا ۾ ميٽرو بس جو پروگرام جوڙيو ويو هو جيڪو اڌورو رهجي ويو، ان جي ٻيهر فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪريو، ڪوئيٽا ۾ ميٽرو بس ممڪن آهي ته اسان ڪم تيزي سان شروع ڪريون، بلوچستان جي نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ پروگرام کي تيزي سان اڳتي وڌائينداسين، جيئن انهن وٽ بندوق نه ليپ ٽاپ اچي، ان سان گڏو گڏ جتي به وزيراعليٰ چوندو بلوچستان کي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي تحفي ۾ ٺاهي ڏينداسين.