لاهور (م ڊ)  پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ حمزه شهباز جي حلف کڻڻ واري تقريب رولڙي جو شڪار ٿي وئي، ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي لاهور آڻڻ لاءِ خاص  جهاز لاهور کان اسلام آباد آندو ويو جيڪو اسلام آباد ايئرپورٽ تي موجود رهيو پر چيئرمين سينيٽ نه آيو جنهن ڪري جهاز خالي لاهور موٽي آيو، گورنر هائوس ۾ حلف کڻڻ واري تقريب نه ٿي سگهي، تقريب لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون، 600 مهمانن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي،  لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالهه گورنر پنجاب کي حلف برداري کان انڪار لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪرڻ جي مهلت ڏني هئي، گورنر پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي صدر کي عدالت هدايت ڪئي هئي ته هو وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ ڪو نمائندو  مقرر ڪري، صدر عارف علوي کي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي نالو تجويز ڪيو ويو، حلف جي معاملي ۾ صدر آئيني طور وزيراعظم کان مشورو وٺڻ جو پابند آهي، گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما وزيراعليٰ کان حلف وٺڻ کان انڪار ڪيو ته عدالتي حڪم تي وزيراعظم شهباز شريف صدر کي مشورو ڏنو، هوڏانهن وزيراعليٰ پنجاب جي حلف واري مامري تي گورنر پنجاب صدر علوي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن حلف بابت رهنمائي طلب ڪئي. جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پڻ ملاقات ڪئي ذريعن مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو آھي، ملاقات ۾ وزيراعليٰ حمزه جي حلف واري مامري تي به مشاورت ڪئي وئي.