لاهور (م ڊ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گورنر جي خانداني ذريعن ٻڌايو آهي ته عمر سرفراز چيمه جي طبيعت سحري وقت خراب ٿي جنهن کان فوري بعد ان جي عملي کي اطلاع ڏنو ويو. عمر سرفراز چيمه کي فوري طور تي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ڊائريا جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس ڊرپ لڳائي وئي.ذريعن موجب پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه جو سروسز اسپتال ۾ طبي معائنو جاري آهي ۽ سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن پر ان جي صحت جي حوالي سان ڪابه خطري جهڙي ڳالهه نه آهي.