ڪراچي: ماهه رمضان جي آخري ڏهي ۾ ميوات ۽ ڀاڄيون سستيون: ٽماٽا 50 رپيا ڪلو وڪرو

0
268
ڪراچي: ماهه رمضان جي

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ماهه رمضان جي آخري ڏهي ۾ ميوات  ۽  ڀاڄيون سستيون، ڪراچي جي صرافه بازارن  ۾ ٽماٽا 50، بصر 59 ۽  پٽاٽا 26 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي  رهيا هئا، جڏهن ته   ديسي ميها 139، پتائي گجرون 130، ڀينڊيون 110، بهه 109، ڪريلا 85، توريون 40 ، مٽر جون ڦريون ( پيز ) 159، کيرا توڙي انبڙيون 40 رپيا ڪلو تي پهتل هيون

ٻئي طرف اول درجي جا ڪيلا 150، ٻئي درجي جا ڪيلا 120، چيڪو 90،  سردو، گدرا ۽ ڇانهين 70 ۽  فاروا 400 رپيا في ڪلو  وڪرو ٿي رهيا هئا، دڪاندارن موجب عيد بعد ڀاڄين خاص طور تي ميوات جي اگهن ۾ رڪارڊ لاٿ ايندي