ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جو بجيٽ اجلاس ٻيو ڀيريو ملتوي، اڄ وري طلب ڪيو ويو، اندروني ڪهاني موجب  بلوچستان جي بجيٽ اجلاس ۾ دير جو سبب ترقياتي بجيٽ جي ايڊجسٽمينٽ ۽ حڪومتي ميمبرن جي اسيڪيمن کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ آهي، ذريعن موجب بي اي پي جي انٽراپارٽي اليڪشن ۾ قدوس بزنجو جي حمايت ڪندڙ پارليامينٽرين جي اسڪيمن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، ان کان اڳ بلوچستان اسيمبلي جو بجيٽ سيشن 17 جون ۽ ان کانپوءِ وري 20 جون تي طلب ڪيو ويو هو، سرڪاري طور تي بجيٽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جو سبب وزيراعليٰ جي مصروفيت ٻڌايو ويو.