خيرپور ناٿن شاهه/ ڪڪڙ/ ميهڙ (نمائندن وٽان) گذريل ڏينهن ميهڙ ڀرسان ڳوٺ لونگ تنيو ۾ ڦر جي ڪوشش دوران ڳوٺاڻن پاران سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيل ڦورن مان پوليس ٻن ڄڻن کي پوليس ٻورڙي ڀرسان هاف فراء ڪري ڇڏيو آهي. پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻورڙي ڀرسان ٻورڙي ٿاڻي جي حد پيچر موري ڀرسان پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾  اعجاز سولنگي ۽ صدام سولنگي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالوهاب سولنگي پڻ گرفتار ڪيو آهي، جنهن وٽان هڪ رائفل ۽ 2 پسٽل هٿ آئي آھي. ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون موجب گرفتار جوابدار ڦرن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هڪ گروه سان واسطو رکن ٿا. جوابدارن تي مختلف ضلعن ۾ 11 ڪيس داخل آھن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ تنيو ۾ ٽريڪٽر ٽرالي سان گڏ ڪم ڪندڙ پورهيتين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڦر جي ڪوشش دوران ڳوٺاڻن پيڇو ڪري ٽن جوابدارن اعجاز،  صدام ۽ وهاب سولنگي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن کي پوليس پڇا ڳاڇا لاء نامعلوم جڳه منتقل ڪيو هو ۽ ڪالهه پوليس خيرپور ناٿن شاه ڀرسان کيس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. ٻئي پاسي  مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل اعجاز عرف اڇو سولنگي ، صدام سولنگي کي پوليس اهلڪارن پوليس موبائيل ۾ کڻي تعلقا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن زخمين جو علاج ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو. ٻورڙي پوليس اسٽيشن تي گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن خلاف سرڪار پاران اي ايس آء پٺاڻ خان چانڊيو جي فرياد تي پوليس مقابلو ۽ 13 ڊي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. فريادي موقف اختتار ڪيو آهي ته اسان رات جو گشت ڪري رهيا هيا سين ته ڪڪڙ لنڪ روڊ لڳ پيچر موري وٺ ڏوه جي ارادي سان وٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اعجاز عرف اڇو سولنگي صدام سولنگي کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو سندن جو ساٿي عبدالوهاب سولنگي کي پڻ هٿيار سميت گرفتار ڪيو سين. جڏهن ته ٽنهي جوابدارن کي ٻورڙي پوليس فرسٽ سول جج خيرپورناٿن شاه جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت ٽنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي دادو جيل موڪلڻ جو حڪم ڪيو.