لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت پهرين ڏينهن رات 9 وڳي دڪان بند ڪرائڻ ۾ ناڪام  ٿي وئي، حڪومت اڄ دڪان بند ڪرائڻ واري فيصلي تي عملدرآمد لاءِ تيار ڪري ورتي آهي، سڄي لاهور ۾ مارڪيٽون ۽ دڪان رات 9 وڳي بند ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪاميٽيون جوڙي ورتيون، ڪالهه به واپاري برادري ڏينهن جي شروعات دير سان ڪئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته دڪان کولڻ ۾ واپارين جي مرضي هلندي پر بند ڪرڻ ۾ نه هلندي، ڊي سي چيو ته ڪرياني جا دڪان، بيڪريون، جنرل اسٽور، ويئر هائوس، شاپنگ مالز، شاپنگ مالز، نجي آفيسن ۽ گدامن کي بند ڪرايو ويندو.