بلدياتي اليڪشن ۽ سنڌ ايجنڊا

0
179
قدرتي آفتن مان سکڻ جو وقت ۽ حڪمرانن جي سنجيدگي

 ان ڏينهن مون هڪڙي مذهبي سياست ڪندڙ اڳواڻ جي اها تقرير ٻڌي جيڪا هو هاڻوڪين بلدياتي چونڊن ۾ اليڪشن مهم هلائڻ دوران ڪري رهيو هو. هن اسٽيج تان بيهي پنهنجي مذهبي ڪارڪنن کي چيو ته اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ عيوض هاڻي مختلف ماڻهو پئسا آڇي رهيا آهن. منهنجي  توهان کي هدايت آهي ته اميدوارن کان پئسا وٺو ۽ پاڪ ڪتاب تي وٺو پر بعد ۾ انهن کي ووٽ به نه ڏجو. اها تقرير ٻڌي ماڻهن ۾ تاثر اهوئي پيدا ٿيو آهي ته اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار جيڪو خرچ ڪري رهيا آهن سو بلدياتي ادارن جي بجيٽ مان ئي ڪڍندا. پنهنجي ملڪ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇو ته ان مذهبي اڳواڻ جي تقرير ٻڌي مونکي اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق جي اها تقرير ياد اچي وئي جيڪا هن اسيمبلي فلور تي ڪئي هئي. پنهنجي طويل مارشلا بعد جنرل ضياءَ جڏهن غيرجماعتي چونڊون ڪرايون هيون ته ان جي نتيجي ۾ جيڪي ميمبر چونڊجي آيا هئا انهن کي پهريون خطاب جنرل ضياءَ پاڻ ڪيو هو. ان خطاب دوران ٻين ڳالهين سان گڏ ميمبرن کي چيو هو ته مون کي خبر آهي توهان اليڪشن مهم تي وڏو خرچ ڪري آيا آهيو پر هاڻي ڦوڪي ڦوڪي کائجو. تڪڙ نه ڪجو. جنرل ضياءَ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ جيڪا اليڪشن بابت عام ڇا جنرل وٽ به اهوئي تاثر هو ته اهو تاثر هاڻي ڪو خاص تبديل ڪو نه ٿيو آهي ۽ مذهبي ماڻهو به پنهنجي ڪارڪنن کي پئسن عيوض ووٽ وٺڻ جون نه صرف هدايتون ڪن ٿا پر دعوا ڪن ٿا ته اها فتوا ڏين ٿا  ته عام ماڻهن ۾ ڪهڙو تاثر بيهندو.

اصولي طور ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هر شهر جا اميدوار پنهنجا پنهنجا منشور کڻي اچي عوام اڳيان رکن ته ڏٺئو توهان فلاڻي پارٽي جي ماڻهن کي ووٽ ڏنو ۽ انهن توهان جي شهر جو توهان جي شهر جي بلدياتي ادارن جو ڪهڙو حشر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اسان جي پارٽي جو هي منشور آهي ته اسان بلدياتي ادارن ۾ اچي سموري بجيٽ پنهنجي ڀوتار اڳواڻن جي اوطاقن تي خرچ ڪرڻ بدران شهر جي هر محلي هر گهٽي تي خرچ ڪنداسين. پر هن مهل تائين مونکي اهڙا اميدوار تمام گهٽ نظر آيا آهن. ڪجهه اميدوارن سان جڏهن اهڙي ڪنهن منشور جي ڳالهه نڪتي ته هن عام ماڻهن جا سور روئيندي چيو سائين ڪهڙي منشور جي ٿا ڳالهه ڪريو هتي امير هجي يا غريب سمورن ماڻهن جو هاڻي هڪ ئي منشور ٿي پيو آهي جيڪو آهي پئسو. هن اهو به چيو ته ڪڏهن اسان سان گڏ اليڪشن ورڪ تي نڪرو ته ڏسو ڪيئن ٿا ماڻهو اسان کي بليڪ ميل ڪن. ڪي چون ٿا سائين پاڙي جو ٽرانسفارمر لڳرائي ڏيو يا ٺهرائي ڏيو.ڪي چون ٿا سولر پليٽون بيٽري ۽ پکن سميت وٺي ڏيو ڪي وري سمورا شناختي ڪارڊ کڻي اچي چون ٿا هيترا ووٽ اسان جا آهن انهن جي حساب سان پئسا ڏيو. ووٽ عيوض ايتريون ڳالهيون هلڻ بعد هاڻي هر ڪو اميدوار اهوئي چئي رهيو آهي ته پئسا مخالفن کان وٺو ووٽ اسان کي ڏجو.

اهڙي آلوده ٿيل ماحول ۾ ڪير ٿو ويهي اليڪشني منشور ڏسي يا پڇي. بلدياتي اليڪشن دوران جيڪي بااثر يا پئسي جو وڌيڪ استعمال ڪندڙ اميدوار هئا اهي ته اڳواٽ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. انهن ۾ نوابشاهه يا شهيد بينظيرآباد مان اهو نوجوان اميدوار به شامل آهي جنهن جي هڪ وڊيو ڪجهه وقت وائرل ٿي هئي ته سندس هٿ ۾ پي پي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جو بوٽ کنيل هو.جيڪو ڪنهن تعزيت وقت کيس پارائڻ لئه کڻي بيٺل هو. هاڻي اهو اميدوار نوابشاهه مان بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو کيس مستقبل جو اهم عهدو ملندي ڏسي رهيا آهن. بلدياتي اليڪشن ۾  پئسن جي استعمال بابت اليڪشن ڪميشن جا ضابطا موجود آهن پر انهن مٿان ڪٿي به عمل درآمد ٿيندي نظر نٿو اچي. اليڪشن ڪميشن پڻ ان سلسلي ۾ اڃان تائين ڪا خاص چرپر ڪندي نظر نه آئي آهي. اليڪشن مهم ته جاري آهي پر بلدياتي اليڪشن مهم دوران اهو منشور غائب آهي جنهن تحت اسان کي معلوم ٿي سگهي ته ڪهڙي پارٽي يا ڪهڙو اميدوار اچي سنڌ جي شهرن کي اڃان وڌيڪ سينگارڻ سجائڻ جو ارادو رکي ٿو. اسان وٽ هينئر تائين مختلف جماعتن جو اهڙو ڪو اليڪشن منشور ظاهر نه ٿي سگهيو جنهن ڪري هن اليڪشن مهم دوران اها ايجنڊا پڌري نه ٿي سگهي جنهن مان اميدوارن جي ارادن جي خبر پئجي سگهي ها.

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون تمام گهڻي عرصي بعد ٿي رهيون آهن تنهن ڪري سنڌ جي سخت گرمين ۾ به جوش ۽ جذبي سان اليڪشن مهم جاري آهي.ڪيترو نه بهتر ٿئي ها جيڪڏهن ان مهم دوران اها عوام دوست سنڌ ايجنڊا به پڌري ٿئي ها جنهن تحت مختلف جماعتون سنڌ جا شهر سنوارڻ جو ڪو پروگرام ترتيب  ڏئي عوام اڳيان رکن ها. مثال طور دادو جا اميدوار اهو منشور ظاهر ڪن ها ته دادو ۾ سٺا روڊ ناهن اسان روڊ تعمير ڪرائي فوٽ پاٿ به لڳائنداسين .ايئن ئي لاڙڪاڻي مان ڪو اميدوار اهو منشور جاري ڪري ها ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪو وسيع پبلڪ پارڪ يا فيملي پارڪ ناهي اسان اقتدار ۾ اچي  اهو پارڪ تعمير ڪرائينداسين.يا بدين ۾ ڪو راند جو ميدان ناهي اسان نوجوانن کي نشي کان پاڪ معاشرو ڏئي انهن لاءَ صحتمند سرگرمين جا مرڪز قائم ڪرائينداسين.

  ايئن هر شهر جي ايجنڊا الڳ هجي ها ته سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندڙ جماعتن طرفان وري سموري صوبي سطح تي سنڌ ايجنڊا جڙي پوي ها جنهن مان اندازو ٿئي ها ته اسان جون سياسي جماعتون پنهنجي ووٽرن پنهنجي شهرن سان ڪيتري نه سڌي ريت ۽ سچائي سان جڙيل آهن. اهي اليڪشني منشور اليڪشن مهم ختم ٿيڻ بعد پڻ ڪم اچن ها جڏهن اهي اميدوار پنهنجي ووٽرن سان ڪيل وعدا پور نه ڪن ها ته عوام کين اهو ضرور ياد ڏياري ها ته اليڪشن مهم وقت توهان هي وعدا ڪيا ۽ هاڻي انهن تان ڦري ويا آهيو.پر عجيب ماجرا آهي ته بلدياتي اليڪشن ته ڌام ڌوم سان ٿي رهي آهي پر ان ۾ ڪٿي به ڪا ايجنڊا يا سنڌ ايجنڊا نظر ڪونه پئي اچي.تنهن ڪري ماڻهن کي گهرجي ته اهي ووٽ وٺڻ لاءَ ايندڙ هر جماعت جي يا آزاد اميدوارن کان اهو ضرور پڇن ته توهان جو منشور ڪهڙو آهي توهان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد پنهنجي پاڙي پنهنجي شهر جي ڀلائي خاطر ڪهڙا ڪم ڪندئو.پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان ئي اميدوارن جي ارادن جي خبر پوندي ۽ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ پڻ آسان پيدا ٿي پوندي.